رشتن جو انت

رشتن جو انت

رشتن جو انت

رشتن جو انت (ڪهاڻيون): هي سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار وشنو ڀاٽيا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن کي هري موٽواڻي سنڌيءَ ايڊٽ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ وشنو ڀاٽيا جون 11 ڪهاڻيون: ’هر پل جي حقيقت‘، ’زندگيءَ جي ڪانڌي‘، ’پنهنجي پنهنجي دنيا‘، ’ٽيلي پرنٽ‘، ’ڪنهن ڪنهن تي ڪبي وشواس‘، ’آکيري جو موهه‘، ’ڇوٽڪارو‘، ’شادي هڪ سمجهوتو‘، ’سنسڪارن جون زنجيرون‘، ’زندگيءَ ۾ ڏک-سک پوروڇوٽ‘ ۽ ’رشتن جو انت‘ شامل آهن. ڪتاب ۾ ليکڪ جي وقت بابت ٻن صفحن جي هڪ نثري ڪوتا به موجود آهي.
هري موٽواڻيءَ، ’وشنو منهنجي نظر ۾‘ عنوان هيٺ وشنو ڀاٽيا جو هڪ صفحي ۾ تعارف ڏنو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي، ته وشنو هڪ بدنام ليکڪ طور مشهور آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪيتريون ڪهاڻيون سيڪس تي ٻڌل آهن. هن سندس ڀيٽ نامور چترڪار وان گوگ سان ڪئي آهي، جيڪو واسنائن جو پيڙهيل هو.
هن ڪتاب تي ايشور آنچل ۽ شيام جئسنگهاڻيءَ جا تفصيلي ويچار به ڏنل آهن. ايشور آنچل ڄاڻايو آهي ته وشنو ڀاٽيا، موهن ڪلپنا، گني سامتاڻي ۽ لال پشپ جي پيڙهيءَ کان پوءِ جو ليکڪ آهي. اَڪهاڻيءَ جي اول درجي جي اديبن مان آهي. شيام جئسنگهاڻي کيس هڪ اعليٰ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي ۽ لکيو آهي ته ”هو لڳ ڀڳ چئن ڏهاڪن کان پنهنجي گوناگونيءَ سان ڪهاڻي سنسار ۾ سرگرم رهيو آهي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ وشنو ڀاٽيا جيترا تجربا ڪنهن به ڪو نه ڪيا آهن. ڊيمي سائيز جي 92 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 30 رپيا آهي. هي ڪتاب اپريل 2002ع ۾ هري موٽواڻيءَ جي ايڊيٽرشپ ۾ ڪونج پبليڪيشن بمبئي پاران ڇاپيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو